آب پيما

هن اوزار کي هائڊرو ميٽر (Hydrometer) چيو وڃي ٿو، جنهن جي مدد سان پاڻيءَ ۾ ڪثافت، ملاوٽ يا آلودگيءَ جي خبر پوندي آهي. آرڪمڊيز نالي سائنسدان اهو اوزار ٺاهيو هو. هن جو سادو اصول اهو آهي ته جڏهن ڪا شيءِ پاڻيٺ ۾ ٻڏي وڃي ٿي ته ان جو وزن به گهٽجي وڃي ٿو. پاڻيٺ جيتري گهاٽي هوندي، ٻاهرين شيءِ اوتري گهٽ ٻڏندي، جنهن مان معلوم ٿيندو ته پاڻي ۾ ڪيتري ڪثافت آهي. هائڊرو ميٽر شيشي مان ٺهيل هوندو آهي ۽ ان جي نلڪيءَ تي نمبر لکيل هوندا آهن. اڄڪلهه هتي شهري انتظاميا کير ۾ پاڻي جي ملاوٽ بابت هن اوزار مان اندازو لڳائيندي آهي.[1]