آبادي

ملڪن جو آباديء جي لحاظ سان نقشو

آبادي (فارسي مان اخذ ٿيل. انگريزي:Population)، حیاتیات ۽ معاشریات ۾، ڪنهن علائقي ۾ رهڻ واري هڪ ئي حیواني یا نباتي نوع جي فردن جو گروہ. سادي لفظن ۾، هڪ ئي علائقي ۾ رهڻ وارن  جاندارن جو مجموعو جن جي نوع هڪ جهڙي هجي ۽ هو نسل پیدا ڪندا هجن، جيئن انسان.

جڏهن مختلف جنسن جون آباديون گڏيل طور تي زندگي گذارينديون آهن تہ انهن کي برادري يا ڪميونٽي سڏيو ويندو آهي.


عالمي آبادي

گڏيل قومن جي شائع ڪيل انگن اکرن موجب، 25 جنوري 2011ء تائين، دُنیا جي ڪل آبادي تقریباً 7 ارب (7,000,000,000) آهي۔ ڊسمبر 2022 ۾ دنيا جي آبادي (8,000,000,000) جي انگ کي پار ڪري وئي آهي.