جوڳي ٻولي
جوڳي | |
---|---|
ٻولي جو وطن | پاڪستان, انڊيا |
خطو | سنڌ, گجرات |
نسل | جوڳي |
ٻولي ڳالهائيندڙ |
پاڪستان ۾ 50–100,000 (حوالو: 1996)[1] |
ٻولي جا ڪوڊ | |
ISO 639-3 | jog |
گلوٽولوگ | None |
جوڳي ٻولي (انگريزي ٻولي: Jogi language) سنڌ (پاڪستان) ۽ هندستان جي هندـ آريائي ٻولي ڪُٽنب مان هڪ ٻولي آهي. هيءَ ٻولي انڊيا پاڪستان جي ڪجهه جوڳي ذاتين پاران ڳالهائي ويندي آهي.
ڳالهائيندڙ
هن ٻولي کي عام طور تي مارواڙي ٻولي سمجهيو ويندو آهي، پر ضمير الڳ الڳ آهن. سنڌ جا ڪيترائي جوڳي (هندو جوڳي ۽ مسلمان جوڳي) سنڌي ٻولي سميت جوڳي ٻولي پنهنجي مادري ٻولي طور ڳالهائيندا آهن؛ جڏهن ته پاڪستان جي ٻين علائقن جا جوڳي گهڻوڪري جوڳي ٻولي ڳالهائيندا آهن.[2]
حوالا
- ↑ Request for New Language Code Element in ISO 639-3
- ↑ "A language of Pakistan". ethnologue. حاصل ڪيل 7 May 2016.