حديبيہ معاھدو
قسم | امن معاھدو |
---|---|
صحيح ڪرڻ جي تاريخ | مارڇ 628ع (بمطابق ذوالقعد 6ھجري) |
مقام | الحديبيہ |
مدو پورو ٿيو | 10 جنوري 630ع (20 رمضان 8ھجري) |
مذاڪرات ڪندڙ | * محمد ابن عبداللہ
|
ڌريون | * قريش |
ٻولي | عربي |
حديبيہ معاھدو (عربي: صُلح الْحُدَيْبِيَة، انگريزي: Treaty of al-Hudaybiya)، محمد جي زندگي ۾ ٿيل ھڪ امن معاھدي جو نالو آھي. ھي معاھدو محمد، جيڪو مديني جي نمائندگي ڪري رھيو ھو ۽ مڪي جي قريشن وچ ۾ مارچ 628ع (ذوالقعد، 6ھجري) ۾ طئي ٿيو. ھن معاھدي ٻن شھرن جي وچ ۾ وڌندڙ تنازعي کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، ۽ ھن معاھدي جو مدو 10 سال رکيو ويو. ھن ٺاھ تحت مسلمانن کي حج ڪرڻ سواءِ مديني واپس وڃڻو پيو، ان وقعي کي پھريون حج جي نالي سان پڻ سڏيو وڃي ٿو.