داس ڪيپيٽل

داس ڪيپيٽل

پھرين ڇاپي جو ڪور (1867ع)
مصنف ڪارل مارڪس
اصل عنوان Das Kapital. Kritik der politischen Oekonomie
ملڪ جرمني
ٻولي جرمن
ڇاپي جي تاريخ 1867ع کان 1894ع
شايع ڪندڙ Verlag von Otto Meisner
ابلاغي ذريعي جو قسم پرنٽ
متن داس ڪيپيٽل ڏسو وڪي سورس تي

داس ڪيپيٽل ()، ڪارل مارڪس جو تاريخي ماديت ۽ سياسي معيشت جي تنقيد تي ٻڌل بنيادي ڪتاب آھي. ھي ڪتاب ٽن جلدن تي مشتمل آھي، جيڪي 1867ع، 1885ع، ۽ 1894ع تي شايع ٿيا. سندس زندگي جي ھن آخري ڪم ۾ ھن سرمائيدارانہ نظام جو تجزيو تاريخي ماديت تحت ”جديد سماج جي اقتصادي قانون کي ننگو ڪرڻ“ جي لفظن سان ڪيو آھي, جيئن ھن کان اڳ آدم سمٿ ۽ ڊيوڊ ريڪارڊو ڪيو ھو. داس ڪيپيٽل جو ٻيو ۽ ٽيون جلد مارڪس جي نوٽس مان، سندس وفات کان پوءِ ھن جي ساٿي فريڊرڪ اينگلس چپرايا. داس ڪيپيٽل 1950ع کان اڳ شايع ٿيل سماجي سائنس جي ڪتاب ۾ سڀ کان وڌيڪ حوالي طور استعمال ٿيندڙ ڪتاب آهي.[1]

حوالا

  1. Green, Elliott. "What are the most-cited publications in the social sciences (according to Google Scholar)?". LSE Impact Blog. London School of Economics. وقت 25 December 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 14 November 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)