مائيڪروسافٽ بنگ
آڪٽوبر 2020 کان بنگ جو مکيه لوگو ۽ لفظ نشان | |
بنگ جو مُکيه صفحو | |
سائيٽ جو قِسمُ |
ڳولا انجڻ |
---|---|
۾ موجود | 40 ٻوليون |
مکيه دفتر | |
ڌڻي | مائڪروسافٽ |
جي رچنا | مائڪروسافٽ |
Revenue | بنگ اشتهار |
يوآرايل | bing |
تجارتي | Yes |
رجسٽريشن | ضروري ناهي (مائڪروسافٽ آڪائونٽ) |
۾ لکيل | ASP.NET[1] |
بنگ (انگريزي ٻولي: Bing)، مشهور سافٽ ويئر ڪمپني مائڪروسافٽ جي ڳولا انجڻ آهي۔ جيئن تہ صارفين کي ويب صفحن ،تصويرن،نقشن ۽ وڊيو تلاس ڪرڻ جي سهولت ڏئي ٿو ۔ هي مائيڪروسافٽ جي براؤزر انٽرنيٽ ايڪسپلورر ۾ پهرئين کان نصب هوندو آهي۔ پر بنگ کي اڃا تائين خاطر خواهہ ڪاميابي حاصل ناهي ٿي سگهي ۽ عالمي ويب سرچ ۾ ان جو حصو في الوقت تمام محدوود آهي۔ هن وقت عالمي سرچ ۾ گوگل ڳولا سر فهرست آهي ۽ ياهو ڳولا پڻ بنگ کان ڪافي اڳتي آهي۔[3]
بنگ اي آئي
بنگ اي آئي، جنهن کي بنگ چيٽ جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، هڪ هٿراڌو ڏاهپ (اي آءِ) چيٽ بوٽ آهي جيڪو مائيڪروسافٽ پاران تيار ڪيو ويو ۽ 2023 ۾ جاري ڪيو ويو[4]. اهو اوپن اي آءِ جي جي پي ٽي-بنيادي وڏي ٻولي ماڊل (فائونڊيشنل لارج لينگويج ماڊل، ايل ايل ايم) جي مٿان ٺهيل آهي ۽ ٻنهي جي ڳانڍاپي کي استعمال ڪندي پرک هيٺ ۽ تقويت سکيا ٽيڪنڪ سان بهتر ڪيو ويو آهي[4]. بنگ اي آءِ چيٽ (ڪچهري) جي اوزار طور ڪم ڪري سگهي ٿو[4]. جنهن وسيلي مختلف قسم جو مواد لکي، نظمن کان وٺي ڪري گيتن، ڪهاڻين، رپورٽن تائين؛ هن وقت برائوزر ۾ کليل ويب سائيٽ تي واهپيندڙ کي ڄاڻ ۽ بصيرت مهيا ڪري ٿو[4]؛ ۽ متن جي بنياد تي لوگو، ڊرائنگ، آرٽ ورڪ، يا ان کي ٻي تصوير ٺاهڻ (اميج ڪريئيٽر) جي بنياد تي ان کي ڪم آڻي سگهجي ٿو. بنگ اي آءِ اميج ڪريئيٽر کي سڀني ٻولين تائين وڌائي رهيو آهي[4].
حوالا
- ↑ Roger Chapman. "Top 40 Website Programming Languages". roadchap.com. وقت سيپٽمبر 27, 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل سيپٽمبر 6, 2011. Check date values in:
|access-date=, |archive-date=
(مدد) - ↑ "Bing.com Site Info". اليگزا انٽرنيٽ. حاصل ڪيل 2 نومبر 2017. Check date values in:
|access-date=
(مدد) - ↑ بنگ ويب سائٽ
- ↑ 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 راڄپر, جوڳي اسد. "مائیکروسافٹ بنگ نے اپنی مصنوعات میں اے آئی چیٹ بوٹ متعارف کردیا". اردو ٽوڊي. اردو ٽوڊي. حاصل ڪيل 28 مئي, 2023. Check date values in:
|access-date=
(مدد)