ٽوه

ٽُوھُ

ٽُوھُ (Bitter Cucumber/ Citrullus Colocynthis) ول جو هڪ قسم آهي، جنھن جا پن ۽ ول گدري وانگر هوندا آهن. هئڊي رنگ جو ٿيندو آهي، جيڪو واريءَ ۾ ٿئي؛ ذائقو ڪڙو زهر جھڙو ٿيندو آهي. هن ول کي ٿر ۾ ”ٽُوسڻ“ چوندا آهن. هيءُ ول پٽ تي پکڙندي آهي. ان جا ڪڇا ڏھ ٻارهن فوٽ کن ڊگها ٿيندا آهن. ول نرم توڙي سخت زمين تي ٿيندي آهي. ٿر واري پاسي تمام گهڻي ٿئي ٿي. هن ول جو ڦر چٽڪمرو ۽ سائي رنگ جو ٿيندو آهي، جيڪو پچڻ تي پِيلو ٿي پوندو آهي. ٽُوھ ڏسڻ ۾ تمام سھڻا، پر کائڻ ۾ زهر جھڙا ڪڙا هوندا آهن، تنھنڪري چوڻي آهي تہ ”ٽوھ ڏسڻ جا سھڻا، پر ڪڙا زهر جھڙا“. هڪ ٻي چوڻي مطابق ”سھڻا ٽوھ پٽن تي پڌرا“. ٽوهن کي ٻڪريون ۽ اٺ مزي سان کائيندا آهن. طبي لحاظ کان تمام ڪمائتي ول آهي. هن جون پاڙون، پن ۽ ٽوھ سڀ پسارڪي وکر طور ڪم ايندا آهن. خاص ڪري ڳوٺن ۾ ٽوھ جو جلاب صحت لاءِ اڪسير چوندا آهن ۽ ڪيترين بيمارين ۾ استعمال ڪندا آهن.

حوالا