پاڪستان جون ڊويزنون

پاڪستان جا ڊويزن
Divisions of Pakistan
قسم ٻيون درجي جي انتظامي ورهاست
علائقو  پاڪستان
اسلامي جمهوريه پاڪستان
انگ 38 (as of جنوري، 2025ع)
حڪومت ڊويزنل حڪومت
ذيلي تقسيم ڊويزن
  • ضلعا
    • تعلقا
      • يونين ڪائونسلون
ھي مضمون هيٺئين ھڪ سلسلو جو حصو آھي
سياست ۽ حڪومت
پاڪستان
 
باب Pakistan

پاڪستان جون ڊويزنون (Divisions of Pakistan) پاڪستان جي ورهاست چئن صوبن: سنڌ، پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان، ھڪ وفاقي علائقي: فيڊرل ڪيپيٽل ٽيريٽري آف اسلام آباد ۽ ٻہ خود مختيار علائقن: گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ٿيل آھي. انھن سڀني جي انتظامي ورهاست ڊويزن سڏجي ٿي جيڪي ضلعن ۾ ورھايل آھن. ضلعن جي ورھاست تعلقن (تحصيل) ۾ ٿيل آھي. سال 2000ع ۾ پاڪستان ۾ ڊويزن سسٽم ختم ڪيو ويو ھو پر سال 2008ع ۾ اھو وري بحال ڪيو ويو. فيڊرل ڪيپيٽل ٽيريٽري آف اسلام آباد جو شمار ڊويزن ۾ ناھي ٿيندو. ھر ڊويزن جو وڏي ۾ وڏو عملدار ڪمشنر ھوندو آھي.

پاڪستان جا چار صوبا، هڪ گاديءَ وارو علائقو ۽ ٻه انتظامي علائقا 38 انتظامي ڊويزن (Division) ۾ ورهايل آهن، جيڪي اڳتي هلي ضلعن، تعلقن ۽ آخر ۾ يونين ڪائونسلن ۾ ورهايل آهن. اهي ڊويزنون سال 2000ع ۾ ختم ڪيون ويون، پر سال 2008ع ۾ ٻيهر بحال ڪيون ويون. ھر ڊويزن جو وڏي ۾ وڏو عملدار ڪمشنر ھوندو آھي. ڊويزنن ۾ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري يا وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقا شامل نه آهن، جن کي صوبن جي هڪ ئي سطح تي ڳڻيو ويو، پر سال 2018ع ۾، وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن کي خيبر پختونخوا صوبي ۾ شامل ڪيو ويو ۽ قبائلي ايجنسين کي ضلعن جي طور پاڙيسري ڊويزنن ۾ شامل ڪيو ويو.

تاريخ

انتظامي ڊويزن نوآبادياتي دور کان حڪومت جو هڪ لازمي درجو ٺاهڻ ٿيون. برٽش انڊيا جا صوبا ڊويزنن ۾ ورهايل هئا، جيڪي پاڻ ضلعن ۾ ورهايل هئا. سال 1947ع ۾ آزاد ٿيڻ تي، پاڪستان جي نئين قوم ٻن ڀاڳن تي مشتمل هئي؛ اوڀر ۽ اولهه پاڪستان مشرقي ۽ مغربي، جيڪا هندستان کان جدا ٿي ويا. پاڪستان جا ٽي صوبا ڏهن انتظامي ڊويزنن ۾ ورهايل هئا. اڀرندي ڀاگي ۾ واحد صوبو، اوڀر بنگال هو،جنهن جا چار ڊويزن؛ چٽگانگ، ڍاڪا، کلنا ۽ راجشاهي هئا. اولهائندي ڀاگي ۾، اولهه پنجاب صوبي جا چار ڊويزن؛ لاهور، ملتان، راولپنڊي ۽ سرگوڌا، اتر-اولهه سرحدي صوبو (جيئن ته ان وقت سڏيو ويندو هو) جا ٻه ڊويزن هئا؛ ڊيرا اسماعيل خان ۽ پشاور ۽ اڳوڻي سنڌ صوبي جو گهڻو حصو حيدرآباد ڊويزن بڻجي ويو. اڪثر ڊويزنن جا نالا، ڪجھ استثنا سان، ڊويزنل راڄڌانين جي نالي تي رکيا ويا.

سال 1955ع کان 1970ع تائين ون يونٽ واري پاليسيءَ جو مطلب هو ته فقط ٻه صوبا هئا؛ اوڀر ۽ اولهه پاڪستان. اوڀر پاڪستان ۾ به ساڳيون ئي ڊويزنون هيون جيئن اوڀر بنگال صوبي ۾ اڳ ۾ هيون، پر اولهه پاڪستان کي آهستي آهستي ست نيون ڊويزنون مليون ۽ اصل ڇهن ۾ شامل ٿي ويون. بلوچستان اسٽيٽس يونين "قلات ڊويزن" بڻجي وئي، جڏهن ته اڳوڻو بلوچستان چيف ڪمشنر صوبو "ڪوئيٽا ڊويزن" بڻجي ويو. خيرپور جي پرنسلي رياست ۽ حيدرآباد ڊويزن جا ڪجهه حصا گڏ ڪري "خيرپور ڊويزن" ٺاهيو ويو. بهاولپور جي اڳوڻي رياست "بهاولپور ڊويزن" بڻجي وئي، ۽ تنهنڪري اولهه پنجاب ۾ شامل ٿيو. وفاقي گاديءَ وارو علائقو سال 1959ع ۾ اولهه پاڪستان ۾ ضم ڪيو ويو ۽ 1960ع ۾ لسٻيلي ضلعي سان ضم ڪري "ڪراچي-ٻيله ڊويزن" ٺاهيو ويو. سال 1969ع ۾ چترال، دير ۽ سوات جي رياستن کي اولهه پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو ۽ "مالاڪنڊ ڊويزن" ٺاهيو ويو جنهن جو ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر "سيدو شريف" بڻايو ويو. سال 1975ع ۾ خيرپور ڊويزن کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي "سکر ڊويزن جوڙيو ويو ۽ سال 1980ع ۾ سکر ڊويزن (سابق خيرپور ڊويزن) کي ورهائي "لاڙڪاڻو ڊويزن" بڻايو ويو. سال 1990ع ۾ حيدرآباد ڊويزن کي ورهائي "ميرپورخاص ڊويزن" ٺاهيو ويو.

سال 2000ع ۾ حڪومت سنڌ صوبي مان ڊويزنل نظام ختم ڪري ڇڏيو. 11 جولاءِ 2011ع تي سنڌ حڪومت صوبي ۾ بيهر ڊويزنن کي بحال ڪئي.

نيون ڊويزنون

جڏهن ون يونٽ (اولهه پاڪستان) کي ٽوڙيو ويو ته ان ڊويزن کي ٻيهر چئن صوبن ۾ ورهايو ويو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ آهستي آهستي، نيون ڊويزنون ٺهي ويون. هزاره ۽ ڪوهاٽ ڊويزن کي پشاور ڊويزن مان ورهايو ويو. گوجرانوالا ڊويزن لاهور ۽ راولپنڊي ڊويزن جي حصن مان ٺهي. ڊيرا غازي خان ڊويزن کي ملتان ڊويزن کان ورهايو ويو. فيصل آباد ڊويزن کي سرگوڌا ڊويزن مان ورهايو ويو. سبي ڊويزن قلات ۽ ڪوئيٽا ڊويزن جي حصن مان ٺهي. لسبيلا ضلعي کي ڪراچي ڊويزن کان قلات ڊويزن ۾ منتقل ڪيو ويو. مڪران ڊويزن کي قلات ڊويزن کان ڌار ڪئي ٺاهيو ويو. خيرپور ڊويزن جو نالو بدلائي سکر ڊويزن رکيو ويو ۽ ڊويزن جو هيڊ ڪوارٽر خيرپور مان بدلائي سکر رکيو ويو. شهيد بينظير آباد به سنڌ ۾ هڪ نئين ڊويزن آهي.

جنرل ضياءُ الحق جي فوجي حڪومت دوران اسلامائز آئيڊيالوجي جي ايڊوائيزري ڪائونسل (جسٽس تنزيل الرحمان جي سربراهيءَ ۾) کي اسلامي ملڪ جا رستا ڳولڻ جو ڪم سونپيو ويو. ان جي سفارشن مان هڪ اها به هئي ته موجوده چئن صوبن کي ٽوڙيو وڃي ۽ 20 انتظامي ڊويزنون وفاقي ڍانچي ۾ نوان صوبا بڻجن ۽ اقتدار جي وڌيڪ منتقلي ڪئي وڃي، پر هن تجويز تي عمل نه ڪيو ويو.

ماضيءَ ۾ (يعني گذريل ٽن ڏهاڪن ۾) نصيرآباد ڊويزن کي سبي ڊويزن کان ورهايو ويو. ژوب ڊويزن ڪوئيٽا ڊويزن مان ورهائجي ويو. بنون ڊويزن کي ڊيره اسماعيل خان ڊويزن مان ورهايو ويو. مردان ڊويزن کي پشاور ڊويزن کان ورهايو ويو. لاڙڪاڻي ڊويزن کي سکر ڊويزن مان ورهايو ويو ۽ حيدرآباد ڊويزن مان شهيد بينظير آباد ڊويزن ۽ ميرپورخاص ڊويزن کي ورهايو ويو. لاهور ۽ ملتان ڊويزنن مان ساهيوال ڊويزن، جڏهن ته شيخوپوره ڊويزن لاهور ۽ فيصل آباد ڊويزنن مان ٺاهيو ويو. قلات ڊويزن جي گاديءَ جو هنڌ قلات کان خضدار منتقل ڪيو ويو. رخشان ڊويزن تازو بلوچستان ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪوئيٽا ۽ قلات ڊويزن جا حصا شامل آهن جن جي گاديءَ جو هنڌ خاران آهي.

تازو ئي جون 2021ع ۾ لورالائي ڊويزن کي ژوب ڊويزن کان ڌار ڪري بلوچستان ۾ شامل ڪيو ويو ۽ 17 آگسٽ 2022ع تي گجرات ڊويزن کي گوجرانوالا ڊويزن کان ڌار ڪري پنجاب ۾ شامل ڪيو ويو. 14 جنوري، 2023ع تي ميانوالي ڊويزن کي پنجاب ۾ شامل ڪيو ويو.

ڊويزنن جو خاتمو

آگسٽ 2000ع ۾، لوڪل گورنمينٽ سڌارن جي تحت "ڊويژن" کي انتظامي سطح جي طور تي ختم ڪري ڇڏيو ۽ پهرين چونڊون 2001ع ۾ مڪاني حڪومتن جي ڪائونسلن جو نظام متعارف ڪرايو. ماتحتي نظام، جنهن جي ذريعي سڀئي ڪم جيڪي مؤثر طريقي سان مقامي سطح تي انجام ڏئي سگھجن ٿا، ان سطح تي منتقل ڪيا ويا. جن جو مطلب ڪيترن ئي ڪم، جيڪي اڳ ۾ صوبائي ۽ ڊويزنل سطح تي سنڀاليا ويندا هئا، کي ضلعن ۽ تعلقن کي جي حوالي ڪيو ويو. ڊويزن جو نظام ختم ٿيڻ وقت خاص پاڪستان ۾ ڇويهه 26؛ سنڌ ۾ پنج، بلوچستان ۾ ڇهه، خيبرپختونخوا ۾ ست ۽ پنجاب ۾ اٺ ڊويزن هيون. نظام جو خاتمو آزاد ڪشمير جي ٽي ڊويزن کي متاثر نه ڪيو، جيڪا ورهاست جي ٻئي ليول طور ڪم ڪنديون هيون.

بحالي

سال 2008ع ۾ عوامي چونڊن کانپوءِ نئين حڪومت سمورن صوبن جي ڊويزنن کي بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. [1] سنڌ ۾ سال 2010ع ۾ لوڪل گورنمينٽ باڊيز جو مدو ختم ٿيڻ بعد ڊويزنل ڪمشنرن جو نظام بحال ٿيڻو هو.[2][3][4]

جولاءِ 2011ع ۾ ڪراچي شهر ۾ وڌندڙ تشدد ۽ سنڌ جي حڪمران پيپلز پارٽي ۽ سنڌ ۾ اڪثريتي پارٽيءَ جي وچ ۾ سياسي ورهاست کانپوءِ ايم ڪيو ايم ۽ سنڌ جي گورنر جي استعيفيٰ کانپوءِ ايم ڪيو ايم، پيپلز پارٽي ۽ حڪومتي اتحاد ۾ شامل ٿي ويا. سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪمشنري نظام بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. نتيجي ۾ سنڌ جا پنج ڊويزنون، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻو پنهنجن ضلعن سان بحال ٿي ويا آهن. سنڌ ۾ هڪ نئين ڊويزن شهيد بينظير آباد ڊويزن جو اضافو ڪيو ويو.[5]

ڪراچي ضلعي کي ان جي 5 اصل ضلعن ۾ ضم ڪيو ويو آهي جن ۾ ڪراچي اوڀر، ڪراچي اولهه، ڪراچي سينٽرل، ڪراچي ڏکڻ ۽ ملير شامل آهن. ڪورنگي کي ڪراچي اوڀر ضلعي مان ورهائي ڪراچي جي ڇهين ضلعي جو درجو ڏنو ويو آهي. تازو ڪياماڙي ضلعو ڪراچي اولهه ضلعي کي ورهائي ڇڏيو آهي. اهي ست ضلعا هاڻي ڪراچي ڊويزن ٺاهي رهيا آهن.[6]

موجوده ڊويزنون

ھيٺ ڏنل ٽيبل ۾ پاڪستان جون موجوده ڊويزنون صوبن جي نالن ۽ 2017 جي ٿيل آدمشماري جي تفصيل سان ڏنل آهن[7].

بلوچستان صوبي جون ڊويزنون
ڊويزن پکيڙ (km2) آبادي
1998 آدمشماري
آبادي
2017 آدمشماري
صدر مقام
قلات ڊويزن 140,612 1,443,727 2,509,230 خضدار
مڪران ڊويزن 52,067 832,753 1,489,015 تربت
نصيرآباد ڊويزن 16,946 988,109 1,591,144 ديرا مراد جمالي
ڪوئيٽا ڊويزن 64,310 1,713,952 4,174,562 ڪوئيٽا
سبي ڊويزن 27,055 630,901 1,038,010 سبي
ژوب ڊويزن 46,200 956,443 1,542,447 لورالائي
رخشان ڊويزن 89,013 409,473 737,162 خاران
خيبرپختونخوا صوبي جون ڊويزنون
ڊويزن پکيڙ (km2) آبادي
1998 آدمشاري
آبادي
2017 آدمشماري
صدر مقام
بنون ڊويزن 4,391 1,165,692 2,044,074 بنون
ڊيرا اسماعيل خان ڊويزن 9,005 1,091,211 2,019,017 ديرا اسماعيل خان
ھزاره ڊويزن 17,194 3,505,581 5,325,121 ايبٽ آباد
ڪوھاٽ ڊويزن 7,012 1,307,969 2,218,971 ڪوھاٽ
مالاڪنڊ ڊويزن 29,872 4,262,700 7,514,694 سيدو شريف
مردان ڊويزن 3,046 2,486,904 3,997,677 مردان
پشاور ڊويزن 4,001 3,923,588 7,403,817 پشاور
پنجاب صوبي جون ڊويزنون
ڊويزن پکيڙ (km2) آبادي
1998 آدمشماري
آبادي
2017 آدمشماري
صدر مقام
بھاولپور ڊويزن 45,588 7,635,591 11,464,031 بھاولپور
ڊيرا غازي خان ڊويزن 38,778 6,503,590 11,014,398 ديرا غازي خان
فيصل آباد ڊويزن 17,917 9,885,685 14,177,081 فيصل آباد
گوجرانوالا ڊويزن 17,206 11,431,058 16,123,984 گوجرانوالا
گجرات ڊويزن 17,206 11,431,058 16,123,984 گجرات
لاهور ڊويزن 11,727 8,694,620 19,581,281 لاھور
ملتان ڊويزن 17,935 8,447,557 12,265,161 ملتان
راولپنڊي ڊويزن 22,255 6,659,528 10,007,821 راولپنڊي
ساھيوال ڊويزن 10,302 5,362,866 7,380,386 ساھيوال
سرگوڌا ڊويزن 26,360 5,679,766 8,181,499 سرگوڌا
ميانوالي ڊويزن 26,360 5,679,766 8,181,499 ميانوالي
سنڌ صوبي جون ڊويزنون
ڊويزن پکيڙ (km2) آبادي
1998 آدمشماري
آبادي
2017 آدمشماري
صدر مقام
ڀنڀور ڊويزن 28,171 2,585,417 3,566,300[8] ٺٽو
حيدرآباد ڊويزن 33,527 4,610,071 7,026,335 حيدرآباد
ڪراچي ڊويزن 3,528 9,856,318 16,051,521 ڪراچي
سکر ڊويزن 24,505 3,447,935 5,538,555 سکر
لاڙڪاڻو ڊويزن لاڙڪاڻو
ميرپور خاص ڊويزن 28,171 2,585,417 4,228,683 ميرپور خاص
شھيد بينظير آباد ڊويزن 18,175 3,510,036 5,282,277 نوابشاھ

انتظامي علائقا

آزاد ڪشمير جون ڊويزنون
ڊويزن پکيڙ (km2) آبادي
1998 آدمشماري
آبادي
2017 آدمشماري
صدر مقام
ميرپور ڊويزن 4,388 1,198,249 1,651,018 ميرپور شهر
مظفرآباد ڊويزن 6,117 745,733 1,072,150 مظفر آباد
پونڇ ڊويزن 2,792 1,028,541 1,322,198 راول ڪوٽ
گلگت بلتستان جون ڊويزنون
ڊويزن پکيڙ (km2) آبادي
1998 آدمشماري
آبادي
2017 آدمشماري
صدر مقام
گلگت ڊويزن - گلگت
بلتستان ڊويزن - اسڪردو
ديامر ڊويزن - چلاس

سالن جي لحاظ کان ڊويزنن جي آبادي

Data from 2023, 2017, 1998, 1981, 1972 censuses[9][10]
Division Pop.

2023

Pop.

2017

Pop.

1998

Pop.

1981

Pop.

1972

Pop.

1961

Pop.

1951

Province
Islamabad 2,363,863 2,006,572 805,235 340,286 ... ... ... Islamabad
F.A.T.A. ... 5,001,676 3,176,331 2,198,547 ... ... ... F.A.T.A.
Bahawalpur 13,400,009 11,464,031 7,635,591 4,068,636 ... ... ... Punjab
Lahore 22,772,710 19,398,081 12,015,649 7,183,097 ... ... ...
Dera Ghazi Khan 12,892,465 11,014,398 6,503,590 3,746,837 ... ... ...
Faisalabad 16,228,526 14,177,081 9,885,685 6,667,425 ... ... ...
Multan 14,085,102 12,265,161 8,447,557 5,408,561 ... ... ...
Rawalpindi 10,804,250 10,007,821 6,659,528 4,432,729 ... ... ...
Sargodha 9,591,275 8,181,499 5,679,766 3,930,628 ... ... ...
Mianwali 4,357,984 ... ... ... ... ... ...
Sahiwal 8,533,471 5,362,866 4,271,247 ... ... ... ...
Gujranwala 11,416,686 9,783,183 6,101,052 3,934,861 3,218,873 2,587,061 1,835,178
Gujrat 7,362,182 6,337,678 4,685,773 3,264,764 2,713,675 1,872,505 1,626,496
Mirpur Khas 4,619,624 4,228,683 2,585,417 1,501,882 ... ... ... Sindh
Hyderabad 11,659,246 10,592,635 6,829,537 4,678,290 ... ... ...
Karachi 20,382,881 16,051,521 9,856,318 5,437,984 ... ... ...
Larkana 7,093,706 6,192,380 4,210,650 2,746,201 ... ... ...
Shaheed Benazirabad 5,930,649 5,282,277 3,510,036 2,560,448 ... ... ...
Sukkur 6,010,041 5,538,555 3,447,935 2,103,861 ... ... ...
Dera Ismail Khan 3,188,779 2,019,017 1,091,211 635,494 ... ... ... KPK
Bannu 3,092,078 2,044,074 1,165,692 710,786 ... ... ...
Kohat 3,752,436 2,218,971 1,307,969 758,772 ... ... ...
Hazara 6,188,736 5,325,121 3,505,581 2,701,257 ... ... ...
Malakand 9,959,399 7,514,694 4,262,700 2,466,767 ... ... ...
Mardan 4,639,498 3,997,677 2,486,904 1,506,500 ... ... ...
Peshawar 10,035,171 7,403,817 3,923,588 2,281,752 ... ... ...
Kalat 2,721,018 2,509,230 1,457,722 1,044,174 ... ... ... Balochistan
Nasirabad 2,044,021 591,144 1,076,708 699,669 ... ... ...
Makran 1,875,872 1,489,015 832,753 652,602 ... ... ...
Quetta 4,259,163 4,174,562 1,699,957 880,618 ... ... ...
Sibi 1,156,748 1,038,010 630,901 305,768 ... ... ...
Zhob 927,579 1,542,447 956,443 749,545 ... ... ...
Loralai 870,000 ... ... ... ... ... ...
Rakhshan 1,040,001 737,162 409,473 ... ... ... ...
Azad Kashmir ... 4,045,366 2,972,523 1,980,000 ... ... ... Azad Kashmir
Mirpur ... 1,651,018 1,198,249 ... ... ... ... Azad Kashmir
Muzaffarabad ... 1,072,150 745,733 ... ... ... ...
Poonch ... 1,322,198 1,028,541 ... ... ... ...
Gilgit-Baltistan ... ... 910,000 562,000 ... ... ... Gilgit-Baltistan
Gilgit ... ... ... ... ... ... ... Gilgit-Baltistan
Baltistan ... ... ... ... ... ... ...
Diamer ... ... ... ... ... ... ...

آبادي، ايراضي، گهاٽائي ۽ خواندگي جي لحاظ کان ڊويزنن جي فهرست

List of the divisions by population, area, density, literacy rate etc.
Division Population

(2023)

Area
(km2)
Density/
(km2)

(2017)

Literacy

rate (2023)

[11][12][13][14]

Capital Province
Islamabad 2,363,863 906 2214.76 83.97% Islamabad Islamabad
F.A.T.A. ... 27,220 183.75 ... Islamabad F.A.T.A.
Dera Ismail Khan 3,188,779 9,005 224.21 41.73% Dera Ismail Khan KPK
Bannu 3,092,078 4,391 465.51 42.11% Bannu
Kohat 3,752,436 7,012 316.45 50.89% Kohat
Hazara 6,188,736 17,194 309.7 60.95% Abbottabad
Malakand 9,959,399 29,872 251.56 47.51% Saidu
Mardan 4,639,498 3,046 1312.43 56.90% Mardan
Peshawar 10,035,171 4,001 1850.49 51.32% Peshawar
Dera Ghazi Khan 12,892,465 38,778 284.04 48.00% Dera Ghazi Khan Punjab
Lahore 22,772,710 11,727 1654.14 73.63% Lahore
Faisalabad 16,228,526 17,917 791.26 68.80% Faisalabad
Bahawalpur 13,400,009 45,588 251.47 52.13% Bahawalpur
Gujranwala 11,416,686 7,779 937.11 76.41% Gujranwala
Gujrat 7,362,182 9,438 ... 76.41% Gujrat
Multan 14,085,102 17,935 683.87 59.43% Multan
Rawalpindi 10,804,250 18,823 574.5 79.90% Rawalpindi
Sargodha 9,591,275 26,360 310.38 63.19% Sargodha
Mianwali 4,357,984 16,925 257.36 N/A Mianwali
Sahiwal 8,533,471 10,302 520.57 61.02% Sahiwal
Karachi 20,382,881 3,528 4549.75 75.11% Karachi Sindh
Mirpur Khas 4,619,624 28,171 150.11 40.41% Mirpur Khas
Hyderabad 11,659,246 64,963 163.06 45.38% Hyderabad
Larkana 7,093,706 15,543 398.4 44.53% Larkana
Shaheed Benazirabad 5,930,649 18,175 290.63 49.91% Shaheed Benazirabad
Sukkur 6,010,041 34,752 159.37 49.72% Sukkur
Makran 1,875,872 52,067 28.6 47.69% Turbat Balochistan
Nasirabad 2,044,021 16,946 34.88 32.59% Dera Murad Jamali
Quetta 4,259,163 64,310 64.91 51.68% Quetta
Kalat 2,721,018 91,767 17.85 38.72% Khuzdar
Sibi 1,156,748 27,055 38.37 34.70% Sibi
Rakhshan 1,040,001 98,596 ... 36.84% Kharan
Zhob 927,579 27,128 34.2 32.33% Zhob
Loralai 870,000 17,260 50.4 39.89% Loralai
Azad Kashmir ... 13,297 304.23 ... Muzaffarabad Azad Kashmir
Mirpur ... 4,388 ... ... Mirpur Azad Kashmir
Muzaffarabad ... 6,117 ... ... Muzaffarabad
Poonch ... 2,792 ... ... Rawalakot
Gilgit-Baltistan ... 72,520 ... ... Gilgit Gilgit-Baltistan
Gilgit ... ... ... ... Gilgit Gilgit-Baltistan
Baltistan ... ... ... ... Skardu
Diamer ... ... ... ... Chilas

پڻ ڏسو

  • پاڪستان جا انتظامي يونٽ
  • پاڪستان جا اڳوڻا انتظامي يونٽ
  • پاڪستان ۾ مڪاني حڪومت جو نظام
  • پنجاب جون ڊويزنون
  • سنڌ جون ڊويزنون
  • پاڪستان جا انتظامي يونٽ
  • ڊويزن (سياسي جاگرافي)
  • پنجاب جون ڊويزنون
  • پاڪستان جا اڳوڻا انتظامي يونٽ
  • پاڪستان ۾ مقامي حڪومتون

ڊويزنون جي آبادي

ڊويزن آبادي-2017 آبادي-1998 آبادي-1981 پکيڙ
(km.2)
صدر مقام صوبو
آزاد ڪشمير 4,045,366 2,972,523 1,980,000 13,297 مظفرآباد آزاد ڪشمير
اسلام آباد 2,006,572 805,235 340,286 906 اسلام آباد فيڊرل ڪيپيٽل ٽيريٽري آف اسلام آباد
بھاولپور 11,464,031 7,635,591 4,068,636 45,588 بھاولپور پنجاب
بنو 2,044,074 1,165,692 710,786 4,391 بنو ڪي پي ڪي
پشاور 7,403,817 3,923,588 2,281,752 4,001 پشاور ڪي پي ڪي
حيدرآباد 10,592,635 6,829,537 4,678,290 2000 حيدرآباد سنڌ
ديرا اسماعيل خان 2,019,017 1,091,211 635,494 9,005 ديرا اسماعيل خان ڪي پي ڪي
ديرا غازي خان 11,014,398 6,503,590 3,746,837 38,778 ديرا غازي خان پنجاب
راولپنڊي 10,007,821 6,659,528 4,432,729 22,255 راولپنڊي پنجاب
ژوب 1,542,447 956,443 749,545 46,200 لورالائي بلوچستان
ساھيوال 5,362,866 4,271,247 10,302 ساھيوال پنجاب
سبي 1,038,010 630,901 305,768 27,055 سبي بلوچستان
سرگوڌا 8,181,499 5,679,766 3,930,628 26,360 سرگوڌا پنجاب
سکر 5,538,555 3,447,935 2,103,861 34,752 سکر سنڌ
شھيد بينظير آباد 5,282,277 3,510,036 2,560,448 18,175 نوابشاھ سنڌ
فاٽا 5,001,676 3,176,331 2,198,547 27,220 اسلام آباد فاٽا
فيصل آباد 14,177,081 9,885,685 6,667,425 17,917 فيصل آباد پنجاب
قلات 2,509,230 1,457,722 1,044,174 140,612 خضدار بلوچستان
ڪراچي 16,051,521 9,856,318 5,437,984 3,528 ڪراچي سنڌ
ڪوھاٽ 2,218,971 1,307,969 758,772 7,012 ڪوھاٽ ڪي پي ڪي
ڪوئيٽا 4,174,562 1,699,957 880,618 64,310 ڪوئيٽا بلوچستان
گلگت بلتستان 910,000 562,000 72,520 گلگت گلگت بلتستان
گوجرانوالا 16,123,984 11,431,058 7,642,118 17,206 گوجرانوالا پنجاب
لاڙڪاڻو 6,192,380 4,210,650 2,746,201 15,543 لاڙڪاڻو سنڌ
لاھور 19,398,081 12,015,649 7,183,097 11,727 لاھور پنجاب
مالاڪنڊ 7,514,694 4,262,700 2,466,767 29,872 سعيدو ڪي پي ڪي
مردان 3,997,677 2,486,904 1,506,500 3046 مردان ڪي پي ڪي
مڪران 1,489,015 832,753 652,602 52,067 تربت بلوچستان
ملتان 12,265,161 8,447,557 5,408,561 17,935 ملتان پنجاب
ميرپور خاص 4,228,683 2,585,417 1,501,882 28,171 ميرپور خاص سنڌ
نصيرآباد 591,144 1,076,708 699,669 16,946 ديرا مراد جمالي بلوچستان
ھزارا 5,325,121 3,505,581 2,701,257 17,194 ايبٽ آباد ڪي پي ڪي

[16]

خارجي ڳنڍڻا


حوالا

  1. "Commissionerate system restored". وقت 2010-01-09 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2010-04-26.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "502 Bad Gateway". www.emoiz.com. وقت 2018-12-26 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2010-04-26.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. "Commissioner system to be restored soon: Durrani". وقت 2012-07-31 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. "Sindh: Commissioner system may be revived today". وقت 2019-01-06 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2010-04-26.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  5. "Commissioners, DCs posted in Sindh". وقت 2011-07-13 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2011-07-13.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  6. anjum. "Sindh back to 5 divisions after 11 years | Pakistan Today". حاصل ڪيل 2022-05-05. 
  7. "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017" (PDF). www.pbscensus.gov.pk. وقت 2017-08-29 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  8. http://www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018
  9. "Info" (PDF). www.pbs.gov.pk. 
  10. "Pakistan Divisions". www.statoids.com. 
  11. "Population of the districts of KPK" (PDF). 
  12. "Population of the districts of Punjab" (PDF). 
  13. "Population of the districts of Balochistan" (PDF). 
  14. "Population of the districts of Sindh" (PDF). 
  15. "Info" (PDF). www.pbs.gov.pk. 
  16. "Pakistan Divisions". www.statoids.com.