گليمفيٽڪ سسٽم
گليمفيٽڪ سسٽم Glymphatic system | |
---|---|
Mammalian glymphatic system | |
سڃاڻپ ڪندڙ | |
ائناٽامي جا محاورا |
گليمفيٽڪ سرشتو، (Glymphatic System) گليمفيٽڪ صفائي جو رستو يا پيراواسڪيولر سرشتو، هڪ عضوي سرشتو آهي جيڪو ڪرنگھيدار جانورن ۾ ميٽابولڪ بيڪار مادن (فضلي) کي مرڪزي تنتي سرشتي (CNS) کان خارج ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو. هن نموني جي مطابق، سيريبروسپائنل فلوئڊ (CSF)، هڪ الٽرا فلٽريڊ پلازما فلوئيڊ جيڪو دماغي وينٽريڪلز ۾ ڪوروئڊ پليڪسس (choroid plexuses) جي ذريعي لڪايو ويندو آهي ۽ دماغي شريانن (arteries) جي چوڌاري پاراواسڪيولر اسپيس ۾ وهندو آهي، انٽرسٽيشل فلوئڊ (ISF) سان رابطي ۾ اچي ٿو ۽ ان سان ملجي ويندو آهي ۽ دماغ جي سورن (Brain Parenchyma) ۾ پتلو ٿي ويندو آهي ۽ سيريبرل وينس پاراويسڪولر خلا جي ذريعي بيهر سب آرڪانوئد خلا ۾ هلي ويندو آهي.[1]
مرڪزي تنتي سرشتي لاءِ اهو رستو پيرا-آرٽيريل انفلڪس ميڪنزم تي مشتمل آهي، جيڪو بنيادي طور تي شرياني نبض (arterial pulsation) ذريعي هلائي وڃي ٿو،[2] جيڪو گهٽ دٻاءُ واري مرڪزي تنتي سرشتي کي گهاٽائي واري دماغي پارينچيما ۾ هلڪو هلڪو دٻائجي (مساج) ڪري ٿو ۽ مرڪزي تنتي سرشتي جي وهڪري کي ننڊ دوران، ايڪسٽرا سيليولر خلا جي سڪرائو ۽ ڦهلائو جي ڪري پيدا ٿيل پيرنچيما جي مزاحمت ۾ تبديلين جي ذريعي ضابطي ۾ ڪيو وڃي ٿو. حل ٿيل پروٽينن، ميٽابولائٽس ۽ اضافي ٻاھرين مايع جي صفائي انٽرسٽيشل فلوئڊ جي ڪنويڪٽو بلڪ وهڪري ذريعي، آسٽرو سائتڪ ايڪوا پورن 4 (astrocytic aquaporin 4) مختصر طور (AQP4) واٽر چينلز جي مدد سان ڪئي ويندي آھي.[3]
نالو "گليمفيٽڪ سسٽم" ڊينمارڪ جي نيورو سائنسدان ميڪن نيدرگارڊ طرفان، ان جي گليل جيو گهرڙن تي انحصار ۽ ان جي افعال جي پيريفرل لمفيٽڪ سسٽم سان هڪجهڙائي جي ڪارڻ، ٺهرايو ويو هو.[4]
تجويز ڪيل ساخت
افعال
ڪلينڪل اهميت
تاريخ
پڻ ڏسو
سائنسدانن جو چوڻ آهي تہ انساني دماغ ۾ هڪ اهڙو اثرائتو نظام موجود هوندو آهي، جيڪو دماغ ۾ موجود غير ضروري مواد ٻاهر ڪڍڻ ۾ ڪم ڏيئي ٿو. سائنسدانن جو چوڻ آهي تہ دماغ ۾ رڳن ۽ نالين جو هڪ اهڙو نيٽ ورڪ موجود آهي، جيڪو دماغ ۾ موجود غير ضروري مواد ٻاهر ڪڍڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ان نظام کي گليمفيٽڪ سسٽم چيو وڃي ٿو. جڏهن اسان سوچيندا آهيون تہ هيءَ نظام پنھنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جيڪا شيءَ اسان کي غير ضروري لڳندي آهي ان کي دماغ مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ مدد ڪندو آهي، پر دماغ مان غير ضروري شيون ٻاهر نڪرڻ واري ڳالھ اڃان تائين پراسرار مامرو پڻ آهي.[5]
The glymphatic system, glymphatic clearance pathway or paravascular system is an organ system for metabolic waste removal in the central nervous system (CNS) of vertebrates. According to this model, cerebrospinal fluid (CSF), an ultrafiltrated plasma fluid secreted by choroid plexuses in the cerebral ventricles, flows into the paravascular space around cerebral arteries, contacts and mixes with interstitial fluid (ISF) and solutes within the brain parenchyma, and exits via the cerebral venous paravascular spaces back into the subarachnoid space. The pathway consists of a para-arterial influx mechanism for CSF driven primarily by arterial pulsation, which "massages" the low-pressure CSF into the denser brain parenchyma, and the CSF flow is regulated during sleep by changes in parenchyma resistance due to expansion and contraction of the extracellular space. Clearance of soluble proteins, metabolites and excess extracellular fluid is accomplished through convective bulk flow of ISF, facilitated by astrocytic aquaporin 4 (AQP4) water channels.
The name "glymphatic system" was coined by the Danish neuroscientist Maiken Nedergaard in recognition of its dependence upon glial cells and the similarity of its functions to those of the peripheral lymphatic system.[6]
حوالا
- ↑ "The Paravascular Pathway for Brain Waste Clearance: Current Understanding, Significance and Controversy". Frontiers in Neuroanatomy 11: 101. 2017. doi: . PMID 29163074.
- ↑ "Ultra-fast magnetic resonance encephalography of physiological brain activity - Glymphatic pulsation mechanisms?". Journal of Cerebral Blood Flow and Metabolism 36 (6): 1033–45. June 2016. doi: . PMID 26690495.
- ↑ "The glymphatic system: Current understanding and modeling". iScience 25 (9): 104987. September 2022. doi: . PMID 36093063. Bibcode: 2022iSci...25j4987B.
- ↑ Konnikova, Maria (11 January 2014). "Goodnight. Sleep Clean.". The New York Times. https://www.nytimes.com/2014/01/12/opinion/sunday/goodnight-sleep-clean.html. "She called it the glymphatic system, a nod to its dependence on glial cells"
- ↑ دماغ ۾ موجود فالتو مواد ٻاهر ڪڍڻ جو اثرائتو نظام موجود آهي: جاچ روزاني عوامي آواز اخبار
- ↑ Konnikova, Maria (11 January 2014). "Goodnight. Sleep Clean.". The New York Times. https://www.nytimes.com/2014/01/12/opinion/sunday/goodnight-sleep-clean.html. "She called it the glymphatic system, a nod to its dependence on glial cells"