اثباتيت

اثباتيت ___ (Positivisim):

اهڙي تحريڪ، جنهن جو مقصد مابعد الطبعيات (Metaphysics) ختم ڪرڻ آهي. هيءَ فلسفيانه تحريڪ قديم فلسفياڻه ۽ مذهبي مسئلن ۽ قدرن کي فضول ۽ بي معنيٰ قرار ڏئي ٿي. ان جو اصل بانيڪار اگسٽڪو مٽي (1798 – 1857ع) آهي. هن مڪتب فڪر وارن جو خيال آهي ته: ”Truth is objective, knowable, separate from human thought“ (سچ خارجي شيءِ آهي، جنهن کي ڄاڻي سگهجي ٿو ۽ اهو انسان جي سوچ کان ڌار حيثيت رکندڙ آهي.) يعني سچو علم ٻاهرين شين جي مشاهدن ۽ تجربن مان ڄاڻي سگهجي ٿو، ان ۾ انسان جي سوچ، فڪر يا وجدان کي ڪوبه دخل نه آهي. [1]

اثباتيت پڄاڻان

’اثباتيت پڄاڻان‘ (Post-Positivism) وارو نظريو سائنسي ۽ مقداري تحقيق کي رد ڪري ٿو. ڊونالڊ ڪيبمل جو چوڻ آهي ته: ”All research has a qualitative granting“ هن علم جي تحقيق وارن جو چوڻ آهي ته هر تحقيق ۽ اڀياس ۾ داخليت موجود آهي جنهن کي قبول ڪيو وڃي، ڇو ته ’خالص خارجيت‘ نالي ڪابه شيءِ نه ٿيندي آهي. [1]

حوالا

  1. 1.0 1.1 .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي