انساني هاضمي جو سرشتو

انساني هاضمي جو سرشتو
Human digestive system

انساني هاضمي جو نظام
تفصيل
سڃاڻپ ڪندڙ
لاطيني ٻولي systema digestorium
ائناٽامي جا محاورا A05.0.00.000
ھسٽالاجي جا محاورا سانچو:Str mid.html H3.04
ائناٽامي جو بنيادي ماڊل 7152
ائناٽامي جا محاورا

انساني هاضمي جو سرشتو (Digestive System) هاضمي جي رستي (track) ۽ هاضمي جي عضون (زبان، ٿڪ جي غدود، ڪليجي، لبلبي ۽ پتي) تي مشتمل آهي. هاضمي جي عمل ۾، کاڌي کي ننڍي کان ننڍي حصن ۾ ٽوڙڻ شامل آهي، جيستائين اهي جسم ۾ جذب ٿي، هن جو حصو نه بڻجي وڃڻ. هاضمي جي عمل ۾ ٽي مرحلا آهن: سيفالڪ (وات وارو) مرحلو، گيسٽرڪ (معدي وارو) مرحلو ۽ آنڊن وارو مرحلو.

پهريون مرحلو، هاضمي جو وات وارو (cephalic) مرحلو، کاڌي جي ڏيک ۽ بوءَ جي جواب ۾ گيسٽرڪ غدود مان نڪرندڙ رطوبت سان شروع ٿئي ٿو. هن مرحلي ۾ چبائڻ سان کاڌي جي ميڪانياتي ٽٽ ڀنگ ۽ ھاضمي جي انزائيمن طرفان ڪيميائي ٽٽ ڀنگ شامل آهي، جيڪا وات ۾ ٿيندي آهي. لعاب ۾ هاضمي جا انزايمز، ايمائيليس (amylase) ۽ زباني لائيپيس (lingual lipase) شامل آهن، جيڪي زبان تي موجود لعاب ۽ سيرس غدود ذريعي نڪرندا آهن. چبائڻ، جنهن ۾ کاڌو لعاب سان ملجي ويندو آهي، هاضمي جي ميڪاني عمل کي شروع ڪري ٿو. اهو هڪ نرم مواد جو گولو (بولس) پيدا ڪري ٿو جيڪو معدي ۾ داخل ٿيڻ لاء، غذا جي نالي (esophagus) هيٺ نگلجي ويندو آهي.

ٻيو مرحلو، معدي وارو (Gastric) مرحلو، معدي ۾ ٿئي ٿو. هتي، کاڌ خوراڪ کي گيسٽرڪ ايسڊ سان ملاڻ سان وڌيڪ ٽوڙيو ويندو آهي، جيستائين اهو ڊوڊينم، ننڍي آنت جي پهرين حصي ۾ نه وڃي.

ٽيون مرحلو، آنڊن وارو جو مرحلو، دوڊينم ۾ شروع ٿئي ٿو. هتي، جزوي طور تي هضم ٿيل کاڌو پينڪريا پاران پيدا ڪيل ڪيترن ئي اينزائمز سان ملايو ويندو آهي.

کاڌي کي چبائڻ جي عمل سان، جيڪا زبان ۽ ڏندن جي عضون ۽ ان کان سواءِ پيرسٽالسس ۽ ٽڪرن جي ذريعي ٿيندو آهي، هاضمي جي عمل ۾ مدد ملندي آهي. گيسٽرڪ ايسڊ، ۽ معدي ۾ رطوبتن جي پيداوار، ھاضمي جي عمل جي تسلسل لاء ضروري آهن.

پيرسٽالسس (Peristalsis) عضلتون جو تالياتي ٽڪراءُ آهي جيڪو غذا جي نالي (esophagus) ۾ شروع ٿئي ٿو ۽ معدي جي ڀت ۽ هاضمي جي نظام جي باقي حصي سان جاري رهي ٿو. اهو شروعاتي طور تي، نيم هضم غذا، ڪائيم (Chyme) تيار ڪري ٿو، جيڪو ننڍي آنڊي ۾ مزيد ٽوڙي، ڪائيل (chyle) طور لمفيٽڪ نظام (lymphatic system) ۾ جذب ٿي ويندو آهي. کاڌي جي هاضمي جي عمل جو تمام گهڻو حصو ننڍي آنڊي ۾ ٿئي ٿو. پاڻي ۽ ڪجهه معدنيات وڏي آنڊي جي ڪولون ۾ رت ۾ ٻيهر جذب ٿي ويندا آهن. هاضمي جي عمل جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل فضلو مقعد جي ذريعي ريڪٽم کان نڪرندو آهي.

ھي انساني سرشتن مان سڀ کان وڏو سرشتو ٿيندو آهي. ھن جو مکيہ عضوو معدو آهي.[1]

انسان جي هاضمي جو سرشتو (Digestive system) لڳ ڀڳ نَوَ ميٽر (30 فوٽ) ڊگهي ٽيوب ۽ ان سان لاڳو عضون جو ٺهيل آهي، جيڪو وات کان شروع ٿي وڏي آنڊي جي نيڪال واري سوراخ وٽ ختم ٿئي ٿو. اهو ٽيوب مختلف جاين تي مختلف ڪمن جي ڪري مختلف شڪليون اختيار ڪري ٿو. وات زبان، لٻ جا غدود، نڙي، کاڌي جي نالي ڳرڻ (Oesophgus) معدو، ننڍو آنڊو، لبلبو، پتو، جيرو ۽ وڏو آنڊو سڀ عضوا هاضمي جي عمل ۾ حصو وٺن ٿا.

جيئن ئي کاڌو کائڻ شروع ڪيو وڃي ٿو تہ هاضمي جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو. وات ۾ ڏند کاڌو چٻاڙي پيهن ٿا. وات جي لٻ ۾ موجود شيون نشاستي کي ٽوڙڻ ڦوڙڻ جو عمل شروع ڪن ٿيون، کاڌي جي نالي تقريبن 9 انچ ڊگهي آهي، انهيءَ مان لنگهندي کاڌو مليل جليل حالت ۾ معدي ۾ پهچي ٿو. هتي اهو ٻن کان ٽن ڪلاڪن تائين رهي ٿو. معدي جي ڀت جي سسڻ ۽ ڦهلجڻ جي عمل جي ڪري کاڌي کي ٽوڙڻ ڦوڙڻ ۾ مدد ملي ٿي، معدي جي رطوبت کاڌي ۾ چڱيءَ طرح ملي وڃي ٿي ۽ معدي ۾ موجود تيزاب ۽ سڻڀو عرق کاڌي تي اثرانداز ٿين ٿا، ان کي ٽوڙي ايترو ته سهڙو ڪيو ويندو آهي، جيئن اهو رت ۾ شامل ٿي سگهي. ڳار جي صورت ۾ کاڌو ننڍي آنڊي ۾ داخل ٿي وڃي ٿو، جيڪو 20 فوٽ ڊگهو آهي، اتي کاڌي ۾ لبلبي ۽ پتي جون رطوبتون به شامل ٿين ٿيون. آنڊن ۾ موجود سنهين يا وار نلين وسيلي هضم ٿيل کاڌو رت ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. رت سان گڏ اهو پهرين جيري ۾ وڃي ٿو. ڪجهه کاڌو جيري ۾ گڏ ٿئي ٿو ۽ باقي رت جي گردش سان گڏجي سڀني گهرڙن تائين پهچي ٿو.

اڻ هضم ٿيل جزا وڏي آنڊي ۾ داخل ٿي وڃن ٿا. ان سان گڏ گهڻو پاڻي وڏي آنڊي مان جذب ٿي رت ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. باقي ڦوڳ وڏي آنڊي مان خارج ٿي وڃي ٿو.[2]

جزا

رت جي فراهمي

اعصاب جي فراهمي

ترقي

ڪلينڪل اهميت

تاريخ

پڻ ڏسو

ٻاهريان ڳنڍڻا

حوالا

  1. علم حياتيات درسي ڪتاب ڪلاس نائون
  2. ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلوپيڊيا آرڪائيو ڪيا ويا 2022-05-24 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. صفحو پھريون