بارود
بارُود يا باروت پوٽاشيئم نائٽريٽ (75 سيڪڙو)، تيزاب (10 سيڪڙو) ۽ ڪاربان (15 سيڪڙو) ملائڻ سان ٺڪاءُ ڪندڙ مصالحو ٺهندو آهي. اوائل ۾ بارود جي دونهين ۽ رڪ جي چني ڪري هٿيارن کي هر ڀيري صاف ڪرڻو پوندو هو، پر پوءِ جيئن جيئن ترقي ٿيندي وئي، تيئن تيئن بارود سان رک ۽ دونهين جا اثر ختم ٿيندا ويا.
بارود جي ايجاد کي راجر بيڪن يا برٿولڊ شوارٽز (Berthold Schwarz) ڏانهن منسوب ڪيو ويندو هو، پر نئين تحقيق مطابق بارود جي ايجاد 9 صديءَ ڌاري چين ۾ ٿي. يورپ ۾ هن جو رواج 14 صديءَ ۾ پيو، جنهن کان پوءِ جنگ جي طريقن ۾ انقلاب اچي ويو. 19 صديءَ ۾ اهڙا بارود ايجاد ٿيا، جيڪي دونهين کان پاڪ هئا. 1864ع ۾ پروشيا (جرمنيءَ) جي توپ خاني واري ڪپتان ايڊورڊ شلٽرز هڪ اهڙو بارود ٺاهيو، جيڪو 1870ع کان پوءِ شلٽز پائوڊر جي نالي سان مشهور ٿيو. گهڻو ڪري شوري ۽ نباتي ريشن جي جزن مان ٺهيل دونهين کان پاڪ بارود جو غالباً پهريون ڪامياب مثال هو. هي بارود بندوقن، شيلڪي ڪارتوسن ۾، دستي بمن ۽ توپ جي گولن ڇڏڻ لاءِ استعمال ٿيندو هو. پال ويئيل (Paul Vieille) 1885ع ۾ رائيفلن لاءِ شوري ۾ تَر ٿيل ڪپهه، ايٿر ۽ الڪوهل جي ميلاپ سان بارود تيار ڪيو، جيڪو بارود ”ب“ (Powder-B) جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ائلفرڊ نوبل (Alfred Noble) بعد ۾ ان ۾ بيلٽسائٽ جو اضافو ڪيو ۽ شوري ۾ تر ڪپهه کي شوري ۽ گليسرين جي ڪريم ۾ ماري نئون بارود ٺاهيو. ڪارڊائٽ (Cordite) دونهين کان پاڪ هڪ ٻيو بارود آهي، جيڪو سر ايف. اي ايبل ۽ سر جيمز ڊيوار 1889ع ۾ ايجاد ڪيو. ان ۾ شوري جي وڏي مقدار ۾ تر ٿيل گن ڪاٽن ۽ نائٽرو گليسرين هوندي آهي، جن کي ائسيٽون (Acetone) جي مدد سان گڏايو ويندو آهي. ان کان سواءِ انڊيورائٽ (Indurate) بارود، سي. اي منرو (Monroe) 1891ع ۾ ايجاد ڪيو. ان کان پوءِ اڄ تائين بارود وڏي ترقي ڪئي آهي ۽ سڄيءَ دنيا لاءِ خوف جي علامت بنيل آهي.[1]